ابو اسحاق ابراهيم بن سنان

ابو اسحاق ابراهيم بن سنان: تمام وڏو رياضي دان ۽ علم هيئت جو ڄاڻو ۽ ماهر هو. 96- 295هه/907- 908ع ۾ بغداد ۾ پيدا ٿيو.
ابو اسحاق ابراهيم بن سنان بابت مشهور آهي ته هن بطليموس جي ڪتاب ’مجسطي‘ جي شرح لکي. هن جو وڏي ۾ وڏو ڪم پئرابولا (Parabola) تي تحقيق آهي. پئرابولا متعلق هن اهڙا مسئلا حل ڪيا، جيڪي هاڻوڪي دؤر ۾ صرف انٽيگرل ڪئلڪيوليس جي مدد سان حل ڪيا وڃن ٿا. هن سورج گهڙين تي پڻ هڪ رسالو لکيو. ابواسحاق ابراهيم بن سنان 35- 334هه/945-946ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0908.00.00  عيسوي

ابو اسحاق ابراهيم بن سنان: تمام وڏو رياضي دان ۽ علم هيئت جو ڄاڻو ۽ ماهر هو . 96- 295هه/907- 908ع ۾ بغداد ۾ پيدا ٿيو .


0946.00.00  عيسوي

ابراهيم بن سنان 35- 334هه/945-946ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀائي مردانا
پوراني ميرڪ سيد محمد عبدالله
رامانج آچاريه
تاج صحرائي
پير مراد شيرازي
آشا درگاپوري
انور
جيلاني حنا
ابرار قاضي
عبدالفتاح ميمڻ 2
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون